شمس الدين شيرازي بکري

شمس الدين شيرازي بکري: مولانا دين محمد وفائي ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “شيخ شمس الدين محمد اصل شيراز جو هو، هو پنهنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد بزرگ هو. پيريءَ ۾ يعني 734هه/ 1333ع ۾ ابن بطوطه شهر بکر ۾ هن بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي. ان وقت هن بزرگ جي عمر هڪ سئو ڏهه سالن کان مٿي هئي. هي بزرگ دنيا ترڪ ڪري هميشه خدا جي عبادت ۾ مصروف رهندو هو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو